سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز جي شيڊيول ۾ اوچتو تبديلي ڪندي اڄ ٻئي ڏينهن به گئس سپلاءِ معطل ڪئي وئي

سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز جي شيڊيول ۾ اوچتو تبديلي ڪندي اڄ ٻئي ڏينهن به گئس سپلاءِ معطل ڪئي وئي، سي اين جي اسٽيشنز کلڻ جي 20 منٽن بعد ٻيهر بند ڪيون ويون، هاڻ هفتي ۾ 3 ڏينهن سي اين جي اسٽيشنز بند رهنديون.

سنڌ ۾ گذريل ڏينهن کان گئس فراهمي بند رهڻ بعد اڄ جيئن ئي سي اين جي اسٽيشنز کليون ۽ گاڏين جون قطارون لڳيون ته 15 منٽن بعد ٻيهر گئس فراهمي معطل ڪئي وئي.

سئي سدرن گئس ڪمپني پاران شيڊيول ۾ اوچتو ڪيل تبديلي تحت سنڌ ۾ اڱاري، خميس ۽ ڇنڇر تي سي اين جي اسٽيشنز کي گئس فراهمي معطل رهندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*