ڊي ايس پي عبدالمجيد عباسي کي شهيد ڪندڙ دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي، غلام قادر ٿيٻو

ڪراچي پوليس چيف غلام قادر ٿيٻي چيو آهي ته ڊي ايس پي عبدالمجيد عباسي کي شهيد ڪندڙ دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اي آءِ جي غلام قادر ٿيٻي چيو ته ڊي ايس پي کي شهيد ڪندڙ دهشتگردن بابت اهم شاهديون مليون آهن کين گرفتار ڪيو ويندو.

هن چيو ته ڊي ايس پي عبدالمجيد عباسي کي  مختلف وقتن تي ڌمڪيون ملنديون رهيون ۽ ان پاسي کان به جاچ ڪرائي ويندي.

غلام قادر قادر ٿيٻي جو چوڻ هو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*