ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي عبدالمجيد عباسي شهيد ٿي ويو

ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي عبدالمجيد عباسي شهيد ٿي ويو، وڏي وزير قائم علي شاهه واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي.

ڊي ايس پي سائيٽ عبدالمجيد عباسي گشت ڪندي شاهه لطيف جي علائقي مظفر آباد مان گذري رهيو هو ته هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.

فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي مجيد عباسي زخمي ٿي پيو، جيڪو اسپتال نيئندي شهيد ٿي ويو.

وڏي وزير قائم علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*