پاڪستان ۾ ڪرپشن ڪينسر جيان پکڙجي وئي آهي، سراج الحق

جماعت اسلامي جي امير نئين مالي سال جي بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي چيو آهي ته نواز ليگ حڪومت بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته بجيٽ ۾ عام واهپي وارين شين تي اضافي ٽيڪس لڳائي، 18 ڪروڙ عوام سان ظلم ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن ڪينسر جيان پکڙجي  وئي آهي، نواز ليگ حڪومت ادارن مان ڪرپٽ ماڻهن جو صفايو ڪرڻ ۾مڪمل طور ناڪام وئي آهي.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪومت بجيٽ کان اڳ ئي پيٽروليم شين جي قيمت ۾ رڪارڊ اضافو ڪري پنهنجي نااهلي جو پختو ثبوت ڏنو.

 سراج الحق چيو ته پاڪستان اندروني دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، دشمن اسلام آباد کي نقصان پهچائڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن.

سراج الحق وڌيڪ چيو ته، بنگلاديش بابت ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي بيان مان واضح ٿي ويو ته هندوستان پاڪستان جو دوست نه پر ڪٽر دشمن ملڪ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*