ڀارت کي پاڪستان جي ترقياتي منصوبن کان تڪليف ڇو ٿي رهي آهي، شهباز شريف

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت کي پاڪستان جي ترقياتي منصوبن کان ڇو تڪليف ٿي رهي آهي، ڇا ڪڏهن اسلام آباد هندستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪئي آهي.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته ڀارت پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته ڀارت ٻڌائي ته ڪڏهن به پاڪستان هندستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪئي آهي، ڀارتي وزير اعظم کي اهڙي پاليسين کان پاسو ڪري گهرجي.

شهباز شريف عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته ڌرڻن سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيو هو، چين هٿ نه پڪڙي ها ته پاڪستان جو خدا ئي حافظ هو.

هن چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي سان پاڪستان سميت سموري خطي کي فائدو ٿيندو، اعتراض وارايندڙ سمجهه مان ڪم وٺن.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ڀارت پاڪستان جي اندروني معاملن ۾مداخلت ڪري رهيو آهي، هندوستان ٻڌائي ته ڇا ڪڏهن اسلام آباد ان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*