قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ، اين اي هڪ سئو 22 تي مبينا ڌانڌلين بابت اليڪشن ٽربيونل جي ڪارروائي روڪرائڻ بابت اسپيڪر اياز صادق جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

جسٽس اعجاز الحسن جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي بينچ لاهور جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي هڪ سئو 22 تي مبينا ڌانڌلين خلاف اليڪشن ٽربيونل جي ڪارروائي روڪرائڻ لاءِ اسپيڪر اياز صادق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

اسپيڪر اياز صادق جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ٽربيونل ۾ اڻپوري عـُذرداري داخل ڪئي وئي آهي، ٽربيونل اڻپوري شڪايت تي ڪارروائي نٿو هلائي سگهي، ان ڪري اليڪشن ٽربيونل کي ڪارروائي کان روڪيو وڃي.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي وڪيل  موقف اختيار ڪيو ته چونڊ اعتراضن بابت درخواست تي اليڪشن ٽربيونل ئي فيصلو ڏئي سگهي ٿو، اسپيڪر اياز صادق مختلف وقتن تي اسٽي آرڊر وٺي رهيو آهي، عدالت ٽربيونل کي ڪارروائي هلائڻ ڏئي ته جيئن فيصلو اچي سگهي.

عدالت، ٻنهي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*