پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽي-ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ سريلنڪا جي شهر ڪولمبو پهچي وئي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽي-ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ سريلنڪا جي شهر ڪولمبو پهچي وئي آهي، قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته هو ٽيم جي ڪاميابي لاءِ گهڻو پراميد آهي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم رات دير سان لاهور مان سري لنڪا جي دوري تي ڪولمبو رواني ٿي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ هو ته ٽيم جا سمورا رانديگر مڪمل فٽ آهن.

هن چيو ته قومي ٽيم تازو بنگلاديش جو دورو ڪري آئي آهي،جنهن بعد ٽيم زمبابوي جي ٽيم خلاف ٻه ٽي-ٽوئنتي ۽ ٽي ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏي چڪي آهي،جنهن سبب رانديگرن ڪرڪيٽ جي مڪمل ٽچ ۾ آهن.

مصباح الحق جو وڌيڪ چوڻ هو ته سري لنڪن ٽيم کي هوم گرائونڊ ۽ هو ڪرائوڊ جو ايڊوانٽيج حاصل آهن پر ان هوندي به هو ٽيم جي ڪاميابي لاءِ گهڻو پراميد آهي.

واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ گال ۾ 17 تاريخ کان شروع ٿيندي،جنهن بعد ٻي ٽيسٽ ڪولمبو ۾ 25 کان ۽ ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 3 جولاءِ کان پاليڪيلي ۾ رٿيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*