پاڪ اقتصادي راهداري منصوبي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ دهشتگردي آهي، سينيٽر مشاهد حسين

سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن جي تقرير لائيو نه ڏيکارڻ تي مخالف ڌر جو واڪ آئوٽ ڪيو، چيئرمين رضا رباني ايم ڪيو ايم جي احسن اقبال خلاف جمع ڪرايل استحقاق واري رٿ رد ڪري ڇڏي، سينيٽر مشاهد حسين چيو آهي ته ڀارت جي جنگي جنون مان واضح ٿي ويو آهي ته هندستان ڪاررواين ۾ واڌ  ڪندو، پاڪ اقتصادي راهداري منصوبي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ دهشتگردي آهي.

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو، اعتزاز احسن لائيو تقرير نه ڏيکارڻ تي پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي سميت سمورين مخالف ڌر جماعتن واڪ آئوٽ ڪيو.

پيپلز پارٽي جي سينيٽر سعيد غني چيو ته کين خاطري ڪرائي وئي هئي ته بجيٽ تقرير لائيو ڏيکاري ويندي، پر ائين نه ٿيو، حڪومت جو رويو غير مناسب آهي.

ايم ڪيو ايم سينيٽر نسرين جليل ترقي ۽ رٿابندي واري وزير احسن اقبال خلاف استحقاق واري رٿ جمع ڪرائي.

نسرين جليل چيو ته احسن اقبال کي ڌيان ڇڪايو نوٽيس اماڻيو، جنهن جي جواب ۾ چيو ته واٽر بورڊ کي 80 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن، پر اڃا تائين اعلانيل رقم نه ملي سگهي آهي.

 چيئرمين رضا رباني احسن اقبال خلاف ايم ڪيو ايم جي جمع ڪرايل رٿ رد ڪري ڇڏي.

قاف ليگ جي سينيٽر مشاهد حسين چيو ته ڀارت جي جنگي جنون مان واضح ٿي ويو آهي ته هندستان ڪاررواين ۾ واڌ  ڪندو، پاڪ اقتصادي راهداري منصوبي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ دهشتگردي آهي.

هن چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جو بنگلاديش بابت بيان افسوسناڪ آهي،پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ لکين جانين جون قربانيون ڏنيون آهن.

مشاهد حسين چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول حملي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن کي اعلانيل رقم اڃا تائين نه ملي سگهي آهي.

سينيٽر مشاهد حسين جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جو نشانو صحافي بڻيا، شهيد ۽ زخمي صحافين لاءِ فنڊ جاري ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*