هندوستان سدائين پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري حالتون خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي، شاهه محمود قريشي

تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي بنگلاديش بابت بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هندوستان سدائين پاڪستان جي اندورني معاملن ۾ مداخلت ڪري حالتون خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي.

اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائنيدي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي وزير اعظم جي حلف برداري تقريب ۾ وزير اعظم نواز شريف جي شرڪت باوجود ٻه طرفيون ڳالهيون بحال نه ٿيڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي.

هن چيو ته ڀارت سدائين پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪئي، سڀني کي خبر آهي ته اوڀر پاڪستان کي بنگلاديش بڻائڻ ۾ ڀارت جو هٿ هو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ٻين جي جنگ وڙهندي ٿڪجي پيو آهي، ڀارتي وزير اعظم نرندر مودي جي بيان تي پرڏيهي آفيس جو رد عمل حيرت جوڳو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*