مديجي ويجهو پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري 20 جوابدار گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

مديجي ويجهو پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري 20 جوابدار گرفتار ڪري هٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس عورتن ۽ ٻاررن کي تشدد جو بشانو بڻايو آهي.

مختلف ٿاڻن جي پوليس ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾  بڪتر بند گاڏين سان ڳوٺ علي محمد جلباڻي تي چڙهائي ڪري سرچ آپريشن دوران 20 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب گرفتار ڪيلن ۾ عبدالمجيد، الهه بخش جلباڻي، لشڪرخان، رحمت الله، نبي بخش، محمد خان، عبدالڪريم، محمد صفر، محمد رفيق، سرفراز، محمد پنجل، عبدالخالق، ماهي خان، عبدالڪريم، علي جان، محمد صديق جلباڻي ۽ ٻيا شامل آهن، جن وٽان ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس چڙهائي ڪرڻ دوران چادر ۽ چئون ديواري جو تقيدس پامال ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو آهي، واقعي جي جاچ ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*