ڪراچي جي عدالت ايف آءِ اي کي جعلي ڊگري ڪيس ۾ شعيب شيخ ۽ ٻين جو چالان 13 جون تائين پيش ڪرڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي

ڪراچي جي عدالت ايف آءِ اي کي جعلي ڊگري ڪيس ۾ ايگزيڪٽ جي سي اي او شعيب شيخ  ۽ ٻين جو چالان 13 جون تائين پيش ڪرڻ جي مهلت ڏني آهي، جوابدار پيش نه ڪرڻ تي جيل اختيارين کي نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

جڊيشل مئجيسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ ايگزيڪٽ جي جعلي ڊگرين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ايف آءِ اي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته معاملي جي جاچ تائين ڪو به حڪم جاري نه ڪيو وڃي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جعلي ڊگري ڪيس جي جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻن هفتن جي مهلت ڏني وڃي.

عدالت ايف آءِ اي کي ايگزيڪٽ جي سي اي او ۽ ٻين جوابدارن جو چالان پيش ڪرڻ لاءِ 13 جون تائين مهلت ڏئي ڇڏي.

جوابدارن کي پيش نه ڪرڻ تي عدالت سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جيل سپرنٽيمنڊنٽ کي نوٽيس پڻ جاري ڪيو.

جوابدارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ذيشان احمد ۽ ذيشان انور جڊيشل رمانڊ تي هجڻ باوجود کين ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*