هندوستان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت بند ڪري، سرتاج عزيز

وزير اعظم جَي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز  ڀارتي وزير اعظم نريندر جي بيان جو عالمي برادري ۽ گڏيل کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هندوستان سلامتي ڪائونسل جي مستقل نمائندگي جو اهل نه آهي.

سينيٽ ۾ پاليسي بيان ڏيندي سرتاج عزيز  چيو ته عالمي برادري پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جو نوٽيس وٺي.

هن چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جو بنگلاديش بابت بيان چڙ ڏياريندڙ آهي، هندوستان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت بند ڪري.

سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو، انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي عوام گڏيل جدوجهد ڪئي.

پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار چيو ته ڀارت سلامتي ڪائونسل جي مستقل نمائندگي جو اهل نه آهي، جڏهن ته سلامتي ڪائونسل جو ميمبر ٿيڻ لاءِ هندوستان کي رويو درست ڪرڻو پوندو.

سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جو عوام مضبوط مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهي، ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جو بيان پاڪستان سان نفرت ظاهر ڪري ٿو.

وزير اعظم نواز شريف جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان اندروني معاملن ۾ مداخلت برداشت نه ڪندو، ڀارت کي اسلام آباد بابت پنهنجو رويو درست ڪرڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*