ڀارت ڪا به اڳرائي ڪئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، خواجه آصف

دِفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت ڪا به اڳرائي ڪئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، پاڪستان پنهنجي دفاع کان غافل ناهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت بعد ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهين جو ماحول پيدا ٿيو هو.

هـُن چيو ته بنگلاديش جي دوري دوران ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي بيان سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ زهر ملائي ڇڏيو آهي.

خواجه آصف چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع کان غافل ناهي، ننڍي ننڍي جو امن تباهه ڪرڻ نٿا چاهيون، سبق سکيارڻ جي ڳالهه ڪندڙ ڀارت کي سبق سيکارڻ لاءِ تيار آهيون.

دفاع واري وزير چيو ته ڪهڙي به حالت ۾ ڀارت کي ذلت ۽ رسوائي کان سواءِ ڪجهه نه ملندو، ان ڪري بهتر آهي ته هندستان هوش کان ڪم وٺي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*