ڀارت جي ڌمڪين کان گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، حميد گل

آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه چيف حميد گل چيو آهي ته ڀارت جي ڌمڪين کان  گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، پاڪستان کي اڳواٽ منصوبابندي ڪرڻي پوندي.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي دفاعي تجزيه نگار ۽ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه حميد گل چيو ته پرويز مشرف جي غلط پاليسين سبب پاڪستان اندروني دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هن چيو ته ڀارت پاڪستان تي حملن جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ اسلام آباد جي سياسي قيادت پاران ڪمزور جواب ڏنا پيا وڃن.

سندس چوڻ هو ته ڀارت ڪشمير معاملي تي ڪوڙي واويلا ڪري رهيو آهي، ڀارت جي مقابلي ۾ پاڪستاني ميڊيا جو ڪردار افسوسناڪ آهي.

آءِ ايس پي جي اڳوڻي سربراهه حميد گل وڌيڪ چيو ته دشمن پاڪستان کير غير مستحڪم ڪري رهيو آهي، حڪومت کي اڳواٽ قدم کڻڻ گهرجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*