جناح اسپتال جي گهوسٽ ملازمن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا وڃن، خواجه اظهار الحسن

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهارالحسن چيو آهي ته جناح اسپتال جي گهوسٽ ملازمن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا وڃن.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه اظهار چيو ته ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن.

هن چيو ته جيڪڏهن اين جي اوز جناح اسپتال ۾ دوائون نه ڏي ته اها يتيم خانو بڻجي وڃي.

خواجه اظهارالحسن چيو ته حڪومت غريبن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته جناح اسپتال ۾ سياسي غنڊا گردي هلي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*