ٽن ڊي ايس پيز جي قتل ۾ ملوث ٽولي جو پتو لڳايو ويو آهي، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي

ڪراچي جي سمورن ڊي ايس پيز کي بلٽ پروف گاڏي ۽ هر ٿاڻي تي هڪ نئين موبائيل ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي چيو آهي ته ٽن ڊي ايس پيز  جي قتل ۾ ملوث ٽولي جو پتو لڳايو ويو آهي،کين جلد انجام تائين پهچايو ويندو.

آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي   پوليس هيڊ ڪوارٽر گارڊن ۾ شهيدن  جي وارثن کي خطاب ڪندي چيو ته سال 2014 ۽ 2015 جي ڀيٽ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

غلام حيدر جمالي چيو ته ڪراچي ۾ صدين کان امن امان جو مسئلو آهي.

هن چيو ته پوليس شڪارپور سانحي جي جوابدارن کي 14 ڏينهن اندر گرفتار ڪيو.

آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ڏوهارين خلاف ڪارروائين کان پوءِ اغوا جي واقعن ۾ به گهٽتائي ٿي آهي.

سندس چوڻ هو ته ملير ضلعي ۾ هڪ ٽولي ايس پي سميت ٽن ڊي ايس پيز کي شهيد ڪيو.

هن چيو ته ڪراچي جي هر ٿاڻي کي هڪ هڪ نئين موبائل ۽ هر ڊي ايس پي کي بلٽ پروف گاڏي ڏني ويندي.

آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ڊي ايس پيز ۽ ٻين اهلڪارن جي قاتلن کي انجام تي پهچايو ويندو.

غلام حيدر جمالي چيو ته پنجن مهينن ۾ 53 ٽارگيٽ ڪلرز گرفتار ٿيا آهن،جڏهن ته پنج سئو ڪلو گرام کان وڌيڪ بارودي مواد کي ناڪارا بڻايو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*