سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي پارليامينٽ ميمبرز جي استعيفائن بابت درخواست تي اٽارني جنرل کي طلب ڪري ورتو

سـُپريم ڪورٽ، تحريڪ انصاف جي پارليامينٽ ميمبرز جي استعيفائن بابت درخواست تي اٽارني جنرل کي معاونت لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس دوست محمدکوسا تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ پي ٽي آءِ ميمبرز جي استعيفائن بابت ن ليگ جي  اڳواڻ ظفر علي شاهه جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

 درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته تحريڪ انصاف جي ميمبرز استعيفائون ڏنيون آهن، سندن ايوان ۾ ٻيهر واپسي غير آئيني آهي، انهن تڪن کي خالي قرار ڏئي ٻيهر ننڍي چونڊ ڪرائي وڃي.

جسٽس دوست محمد کوسا پڇاڻو ڪيو ته ڇا استعيفائون ڏيندڙ پي ٽي آءِ ميمبرز کي نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا.

درخواستگذار ٻڌايو ته اسپيڪر پي ٽي آءِ ميمبرز کي نوٽيس جاري ڪيا هئا ۽ ميمبرز پيش به ٿيا هئا پر ان وقت اسپيڪر موجود نه هو.

جسٽس گلزار درخواستگذار کان سوال ڪيو ته ڪهڙا ميمبرز آهن، جن کي توهان نااهل قرار ڏيڻ چاهيو ٿا، جنهن ظفر علي شاهه جواب ڏنو ته کيس ميمبرز جا نالا ياد ناهن پر جن به استعيفيٰ ڏني آهي، انهن کي ڊي سيٽ ڪيو وڃي.

عدالت، اٽارني جنرل کي معاونت لاءِ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*