ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي مسلمانن خلاف سازشون ڪري رهيو آهي، سراج الحق

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان ٽوڙڻ بابت ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جو بيان کليل اڳرائي آهي، هندوستان کي پسنديده ملڪ قرار ڏيندڙ حڪمران هاڻي عوام جي ڪٽهڙي ۾ آهن.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي مسلمانن خلاف سازشون ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته ڀارتي وزير اعظم جو پاڪستان ٽوڙڻ لاءِ فوج جي استعمال وارو بيان کليل اڳرائي آهي، پاڪ فوج هندوستان جي سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اڳواٽ منصوبابندي ڪري.

سراج الحق چيو ته ڀارت مسلسل ورڪنگ بائونڊري جي ڀڃڪڙي ڪندو رهيو ۽ پاڪستاني حڪمران هندوستان کي پسنديده ملڪ قرار ڏيندا رهيا.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ ٻين جي جنگ ۾ ڀائيواري ڪري رهيو آهي، دشمن ملڪ ان مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.

سراج الحق وڌيڪ چيو ته ڀارت کي پسنديده ملڪ قرار ڏيندڙ حڪمران قوم جي ڪٽهڙي ۾ آهن، اسلام آباد جي حڪمرانن کي هندوستان سان پيار ۽ واپار جي ڳالهه نه پر شينهن وانگر ڳالهائڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*