سينيٽرز ڀارتي ڌمڪين تي وزير اعظم نواز شريف کي سارڪ ملڪن جي سربراهن سان رابطو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

سينيٽرز ڀارتي ڌمڪين تي وزير اعظم نواز شريف کي سارڪ ملڪن جي سربراهن سان رابطو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ميمبرز چيو آهي ته ڀارت مسلسل غير ذميواراڻا بيان ڏئي رهيو آهي، هندوستان کي سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان برما نه پر ايٽمي طاقت آهي .

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ بجيٽ تي بحث جاري هو ته چيئرمين معمول جي ڪارروائي معطل ڪري ڀارتي ڌمڪين تي بحث شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

رضا رباني چيو ته سمورن پارلياماني سربراهن فيصلو ڪيو آهي ته ڀارتي ڌمڪين تي ايوان پاران واضح پيغام ڏنو وڃي.

بحث ۾ حصو وٺندي قاف ليگ سينيٽر مشاهد حسين چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي گجرات وڳوڙن تي معافي ناهي گهري، پاڪستان کي ڀارت جي بيانن خلاف عالمي برادري آڏو آواز اٿارڻ گهرجي.

هن چيو ته ڀارت وڏو ملڪ آهي، پر هندوستان جا حڪمران  ننڍي سوچ رکن ٿا، کين ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

مشاهد حسين چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي فاشسٽ نظريي جو حامي آهي، هندوستان چڙ ڏياريندڙ بيانن کان پاسو ڪري.

قاف ليگ جي سينيٽر چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي پاڪستان تي حملن جي ڳالهه ڪرڻ کان هندوستان جي عوام کي بک ۽ بدحالي مان ڇوٽڪاريو ڏياري.

فنڪشنل ليگ جي سينيٽر مظفر حسين شاهه چيو ته ڀارت مسلسل ورڪنگ باوئونڊري جي ڀڃڪڙي ڪرڻ سان گڏ پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي بنگلاديش بابت بيان ڏئي وڳوڙ پکيڙڻ واري روايت برقرار رکي آهي.

ايم ڪيو ايم جي طاهر مشهدي چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ ٻين جي جنگ ۾ ڀائيواري ڪري پنهنجي لاءِ مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ڀارت ڪڏهن به پاڪستان کي پنهنجو دوست ناهي سمجهيو، رڳو اسلام آباد جا حڪمران هندوستان سان ڳالهين جا حامي آهن.

پيپلز پارٽي جي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي کي تڪراري نه بڻايو وڃي.

فرحت الله بابر چيو ته وزير اعظم نواز شريف پاران هندوستان جي وزيرن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ گهرجي ها، کيس سمجهه ۾ نه پيو اچي ته نواز شريف ڇو خاموش آهي.

متحده جي سينيٽر نسرين جليل چيو ته ڀارت هميشه پاڪستان خلاف سازشون ڪيون آهن، بنگلاديش بابت نريندر مودي جو بيان مذمت جوڳو عمل آهي.

سينيٽر حمزه جو چوڻ هو ته وزير اعظم نواز شريف کي ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب  ڏيڻ گهرجي.

سينيٽرز مطالبو ڪيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف ڀارتي ڌمڪين بابت سارڪ ملڪن جي سربراهن سان رابطو ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*