سنڌ پوليس کان وڌيڪ ڪا به نااهل فورس ناهي، عابد شير علي

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي سنڌ پوليس کي نااهل قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گڏهه جي مرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، واپڊا ملازمن خلاف ايف آر آر داخل ڪرڻ جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو ته سنڌ پوليس کان وڌيڪ ڪا به نااهل فورس ناهي، اهڙي پوليس کان نه هئڻ ئي بهتر آهي.

هن چيو ته سنڌ پوليس گڏهه مرڻ جي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، ٻڌايو وڃي ته ملڪي تاريخ ۾ اڄ تائين اهڙو ڪو واقعو پيش آيو آهي.

عابد شير علي چيو ته واپڊا ملازمن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ تي خاموش نه ويهنداسين،  سنڌ پوليس جي اهڙي عمل جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*