ايندڙ ٽن سالن اندر بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي، وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف، هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ مان ايندڙ ٽن سالن اندر لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته بجلي جي پيدوار لاءِ ٿر جي ڪوئلي کي به استعمال ڪيو پيو وڃي، حڪومت گوادرکي اهڙي ترقي وٺرائڻ چاهي ٿي، جنهن سان رڳو پاڪستان نه پر سموري خطي جي لاءِ هجي،لاهور ۾ موٽروي تعمير ڪرڻ جا طعنا ڏيندڙ ٻڌي وٺن ته سنڌ ۽ ڪي پي ڪي ۾ به موٽروي تعمير ٿي رهيا آهن.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته سندس خواهش هئي ته 1990 دوران ئي موٽروي جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿي وڃي پر ان عرصي دوران ن ليگ جي حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو.

هن چيو ته رڳو پنجاب ۾ موٽروي تعمير ڪرڻ جا طعنا هڻندڙ ڏسي وٺن خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ ۾ به موٽروي تعمير ٿي رهيو آهي، انشاءَ الله جلد بلوچستان ۾ به ان منصوبي تي ڪم شروع ٿي ويندو.

هن چيو ته ڪراچي کان حيدرآباد موٽروي تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، لاهور کان ملتان ۽ ملتان کان سکر تائين به روڊ جي تعمير ڪئي ويندي.

وزيراعظم دعويٰ ڪئي ته جيڪي به منصوبا هلي رهيا آهن، ن ليگ جي حڪومت پنهنجي عرصي دوران انهن کي مڪمل ڪري وٺندي، جيئن منصوبن جو ثمر عوام تائين  پهچي.

وزيراعظم چيو ته هڪٻئي تي تنقيد ضرور ڪرڻ گهرجي پر سٺن ڪمن جي تعريف ڪرڻ گهرجي، ملتان ايئرپورٽ منصوبي جو بنياد پ پ حڪومت وڌو، پر جڏهن منصوبو مڪمل ٿيو ۽ افتتاح ڪيو ويو ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي به دعوت ڏني هئي.

وزيراعظم چيو ته اپوزيشن کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته گوادر کان ڪراچي تائين ڪوسٽل هاءِ وي به ن ليگ جي حڪومت تعمير ڪرايو هو، ان ڪري تنقيد ڪندڙ سٺن ڪمن جي تعريف به ڪن.

وزيراعظم چيو ته حڪومت گوادر کي بهترين پورٽ ٺاهڻ چاهي ٿي، هـُو خورشيد شاهه ۽ پ پ جي قيادت کي دعوت ڏئي ٿو ته گوادر جي معاملي تي ساڻن گڏ ويهن، سندس خواهش آهي ته سينگاپور ۽ هانگ ڪانگ جيان گوادر ترقي ڪري.

نواز شريف چيو ته گوادر جي ترقي رڳو پاڪستان نه پر سموري خطي لاءِ تحفو هوندو، گوادر کي فري پورٽ ٺاهڻ لاءِ نوان  ٺاهيا پيا وڃن.

لوڊشيڊنگ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته کيس ڄاڻ ناهي ته ڪٿي بجلي جي واڌو لوڊشيڊنگ ڪٿي ٿي رهي آهي پر جتي بجلي جي چوري ٿيندي هئي، اتي ضرور بجلي بند هوندي.

وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي ته ايندڙ ٽن سالن اندر لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي ۽ ان لاءِ ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا  ڪئي پئي وڃي ۽ 650 ميگاواٽ جي 2 پاور پلانٽ تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*