سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايگزيڪٽ خلاف جاچ لاءِ وڌيڪ هڪ درخواست داخل ڪرائي وئي
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايگزيڪٽ خلاف جاچ لاءِ وڌيڪ هڪ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.
راڻا فيضل الحسن طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ايگزيڪٽ پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آن لائن ايجوڪيشن نالي ڪوڙيون ڊگريون ڏنيون آهن.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جعلي ڊگرين سان پاڪستان جي پوري دنيا ۾ ساک متاثر ٿي آهي ۽ شاگردن جي ذهنن تي پڻ اثر پيا آهن.
درخواست ۾ چيو ويو ته پوري ملڪ جي بدنامي ٿي آهي تنهنڪري جڊيشل انڪوائري ڪميشن جوڙي ايگزيڪٽ ڪمپني جي فراڊ جي جاچ ڪرائي وڃي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ايگزيڪٽ جا سمورا اڪائونٽ فوري طور تي منجمند ڪيا وڃن.