ڪابل ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار مارجي ويا واقعي جي ذميواري طالبان قبولي ورتي

افعانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ آپگهاتي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار مارجي ويا، واقعي بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي.

 ڪابل ۾ امريڪي فوجي اڏي تي آپگهاتي بم بار ٽرڪ سميت پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهنجي نتيجي ۾ 2 افغان سڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا.

واقعي بعد سڪيورٽي فورسز پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو،واقعي جي ذميواري طالبان قبولي ورتي آهي.

سڪيورٽي فورسز جو چوڻ آهي ته آپگهاتي بم بار يو ايس بيس کي نشانو بڻايو.

.سڪيورٽي فورسز موجب ڌماڪو افغانستان ۾ طالبان خلاف جنگ جو رد عمل ٿي سگهي ٿو جنهن جي ذميواري پڻ طالبان قبولي ورتي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*