وزيراعظم نواز شريف کي پارليامينٽ ۾ ڀارتي ڌمڪين جو جواب ڏيڻ گهرجي ها، ڊاڪٽر طاهر القادري

پاڪستان عوامي تحريڪ جَي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري ڀارتي وزير اعظم جي پاڪستان تي حملي جي ڌمڪي واري بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته  دشمن پاڪستان تي حملي جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن، پر نون ليگ وارا ڪرپشن ڪرڻ ۾ رڌل آهن.

ڪينيڊا مان جاري ڪيل بيان ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته پارليامينٽ ۾ ڀارتي ڌمڪين خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ٿيڻ سٺو سنوڻ آهي.

هن چيو ته کيس سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڀارت مسلسل پاڪستان تي حملي جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ وزير اعظم نواز شريف ڇو خاموش آهي.

طاهر القادري چيو ته ڇا پاڪستاني قوم سياستدانن کي ڪرپشن ۽ ڪميشن وٺڻ لاءِ ووٽ ڏنا؟، ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو وڃي.

پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري وڌيڪ چيو ته وزير اعظم نواز شريف کي پارليامينٽ ۾ ڀارتي ڌمڪين جو جواب ڏيڻ گهرجي ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*