ڪوئيٽا ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پوليس موبائيل تي فائرنگ ڪري اي ايس آءِ سميت 4 اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو

ڪوئيٽا ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پوليس موبائيل تي فائرنگ ڪري اي ايس آءِ سميت 4 اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو، هڪ هفتي اندر ٽارگيٽ ڪلنگ دوران 8 پوليس اهلڪار زندگي جي جنگ هارائي ويٺا آهن.

پوليس موجب، پشتون آباد جي علائقي منان چوڪ تي ٻن موٽرسائيڪل تي سوار چار هٿياربندن پوليس موبائيل تي ان وقت فائرنگ ڪري ڏني، جڏهن اهلڪار معمول جي گشت تي هئا.

فائرنگ جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ وزير خان، 2 ڪانسٽيبل ظاهر، محمود ۽ ڊرائيور ڪليم الله شهيد ٿي ويا، جن جا لاش ڪوئيٽا جي سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا  ويا.

واقعي بعد ايف سي ۽ پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي ۽ علائقي کي گهيري هيٺ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد ايس ايس پي آپريشنز اعتزاز گورايه به موقعي تي پهچي ويو ۽ حملي واري هنڌ جو معائنو ڪيو.

پوليس موجب، اهلڪارن جي گاڏي کي ٻنهي طرفن کان گوليون هنيون ويون.

پشتون آباد ۾ هڪ هفتي جي دوران اهڙي نوعيت جو ٻيو واقعو آهي، فائرنگ جي ٻنهي واقعن ۾ 8 پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*