لياري ۾ رينجرز سرچ آپريشن ڪري گينگ وار جي ٽن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ رينجرز سرچ آپريشن دوران گينگ وار جي ٽن ڏوهارين کي  گرفتار ڪري ورتو،  ذريعن موجب گرفتار جوابدارن جو تعلق بابا لاڏلا گروپ سان آهي.

رينجرز ذريعن موجب بهار ڪالوني ۾ ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن ڪيو ويو، جتان گينگ وار جي ٽن ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڏوهارين جو تعلق بابا لاڏلا گروپ سان آهي، جن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا.

ذريعن موجب گرفتار جوابدار ڀتي خوري ۽ اغوا سميت ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهن، اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري پڇاڳاڇا ڪئي پئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*