سنڌ جا وزير ڪرپشن ۾ ملوث آهن، شاهه محمود قريشي

تحريڪ انصاف، سنڌ اندر  ڪرپشن ۾ ملوث 24 اعليٰ شخصيتن ڄڻن جا نالا پڌرا ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،شاهه شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڊي جي رينجرز جاچ ڪرڻ بعد ڪراچي جي حقيقت ٻڌائي ڇڏي آهي، وفاقي حڪومت ٻڌائي ته رپورٽ تي ڪهڙو ايڪشن کنيو ويندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته سمورين سياسي پارٽين وزيراعظم نواز شريف کي ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي لاءِ مينڊيٽ ڏنو.

هن الزام هنيو ته سنڌ جا وزير ڪرپشن ۾ ملوث آهن، گهوسٽ ملازمن جون پگهارون هڙپ ڪيون پيون وڃن.

شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ رينجرز پاران اپيڪس ڪميٽي ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 24 اهم شخصيتون ڪرپشن ۾ ملوث آهن، قوم ڄاڻڻ چاهي ته اهي ڪير آهن، وفاق کان مطالبو آهي ته انهن جا نالا پڌرا ڪيا وڃن.

پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته جيستائين دهشتگردن جي حمايت ڪندڙن کي پڪڙ ۾ نه آندو ويندو، تيستائين ڪراچي ۾ مڪمل امن قائم نه ٿيندو.

شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ جا وڏيرا ۽ جاگيردار ايراني ڊيزل اسمگل ڪرڻ ۾ ملوث آهن، ٻڌايو وڃي ته انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته رينجرز پاران پيش ڪيل رپورٽ کي معمولي نه سمجهيو وڃي، ڊي جي رينجرز رپورٽ پيش ڪري ڪراچي جي حيقيقت ٻڌائي آهي، وفاقي حڪومت هاڻي ٻڌائي ته رپورٽ تي ڪهڙو ايڪشن کنيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*