اسلام آباد ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري انساني اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري انساني اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايف آءِ اي پاران جاري ڪيل بيان موجب، اسلام آباد ۾ ڪارروائي ڪري انساني اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدار راجا خالد کي گرفتار ڪيو ويو، جو تعلق پنجاب جي علائقي کهاريان سان آهي.

ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته جوابدار جو نالو ريڊبڪ ۾ شامل آهي ۽ 2007 کان وفاقي جاچ اداري کي گهربل هو.

وفاقي جاچ اداري موجب، جوابدار تي يورپ ۽ ايران ۾ ماڻهن کي اسمگلنگ ڪرڻ جو الزام آهي، ايف آءِ اي گوجرانوالا وٽ به جوابدار راجا خالد خلاف رڪارڊ موجود آهي، کائنس وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*