سنڌ جي 10 ارب رپين جي خساري سان سوا 7 کرب رپين جي بجيٽ سڀاڻي پيش ڪئي ويندي

سنڌ جي 10 ارب رپين جي خساري سان سوا 7 کرب رپين جي بجيٽ سڀاڻي پيش ڪئي ويندي، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ 25 هزار نيون نوڪريون ڏيڻ، 10 هزار پوليس اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جي تجويز  ڏني وئي آهي، جڏهن ته سرڪاري ملازمن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ سان گڏ مڪاني چونڊن لاءِ اڍائي ارب رپيا رکڻ جو به امڪان آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، جنهن ۾ ناڻي وارو صوبائي وزير مراد علي شاهه نئين مالي سال 16-2015 جي بجيٽ پيش ڪندو.

ذريعن موجب، 10 ارب رپين جي خساري واري بجيٽ جو ڪاٿو سوا 7 کرب رپين جي لڳ ڀڳ لڳايو ويو آهي.

بجيٽ ۾ امن امان لاءِ 62 ارب رپيا رکڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته رينجرز لاءِ به مقرر ڪيل بجيٽ ۾ 2 ارب رپيا اضافي رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

بجيٽ ۾ سنڌ حڪومت پاران 25 هزار نيون نوڪريون ڏيڻ سان گڏ 10 هزار پوليس اهلڪارن جون نيون ڀرتيون ڪرڻ جو به اعلان ڪرڻ جو امڪان آهي.

هن سال ترقياتي بجيٽ ۾ پوڻا 2 ارب رپيا رکيا ويندا، امن، تعليم، صحت ۽ شعبن جي بجيٽ ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، سکر، ميرپورخاص ۽ خيرپور لاءِ خصوص پئڪيجز ڏيڻ واري تجويز به بجيٽ ۾ شامل ڪئي وئي آهي.

بجيٽ ۾ صوبي جي 10 ضلعن اندر انگلش ميڊيم کولڻ ۽ ميونسپل ڪارپوريشن لاءِ 50 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم رکڻ جي تجويز شامل آهي.

متبادل توانائي سميت ٿرڪول ۽ بجلي جي مختلف منصوبن لاءِ به اضافي رقم رکڻ جو به امڪان آهي.

بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز لاءِ 10 سيڪڙو واڌ جو به امڪان آهي.

 وڏي وزير جي صدارت هيٺ سڀاڻي 10 هين وڳي سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي، جنهن بعد ناڻي وارو وزير ايوان ۾ بجيٽ پيش ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*