ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ ايس ٽي پي جي سڏ تي سوين ماڻهن ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو

ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ ايس ٽي پي جي سڏ تي سوين ماڻهن ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شهرين دلمراد ڏاهاڻي، دلبر ڀنگوار، امداد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي آفيس کان هٿن ۾ پلي ڪارڊس ۽ بينرز کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

اڳواڻن چيو ته ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر 20 کان وڌيڪ برادرين ۾ خوني تڪرار هلندڙ آهن، جنهن سبب ڪيترائي ڪونڌر ڪسي ويا آهن.

هنن چيو ته قبيلائي جهيڙن سان اسڪول، اوطاقون ۽ راندين جا ميدان ويران ٿي ويا آهن، ڪيترن ئي گهرن ۾ ماتم واري صورتحال آهي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته رينجرز ۽ پوليس قبيلائي جهيڙا ڪرائندڙ سردارن خلاف ڪارروائي ڪري ضلعي اندر امن قائم ڪرائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*