ڀارتي ڌمڪين واري معاملي کي عالمي سطح تي اٿاريو ويندو، پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله

پاڪستان، ڀارتي ڌمڪين وارو معاملي کي عالمي سطح تي اٿارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ملڪي خودمختياري ۽ تحفظ لاءِ هر قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي، ڦاهين جي سزائن تي عمل عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ناهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله چيو ته پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو پر ڀارت مسلسل غير ذميوارڻا بيان ڏئي رهيو آهي.

هن چيو ته 14 غير ملڪي سفيرن جي ڪانفرنس ۾ ڀارت ڌمڪين واري معاملي تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته اقتصادي راهداري منصوبي تي به ويچاريو ويو.

پرڏيهي ترجمان چيو ته ڀارتي ڌمڪين واري معاملي کي عالمي سطح تي اٿاريو ويندو.

قاضي خليل الله چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ برادراڻا لاڳاپا آهن، ڪابل جو دشمن اسلام آباد جو دشمن آهن.

پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان فيصلو ڪيو آهي ته هڪٻئي جي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏني ويندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڦاهين جي سزا تي عمل قانون موجب آهي، ان معاملي تي پاڪستان عالمي قانون جي ڀڃڪڙي نه پيو ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*