وزيراعظم نواز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو

وزيراعظم هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو آهي، نواز شريف حب ۾ خانگي ڪمپني جي آئل ريفائنري جو افتتاح ڪندو.

وزير اعظم نواز شريف جي آمد جي موقعي تي ڪراچي ۾ سڪيورٽي جا انتظام نهايت سخت ڪيا ويا آهن.

وزير اعظم نواز شريف جو ڪراچي پهچڻ تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه آڌر ڀاءُ ڪيو.

ذريعن موجب وزيراعظم حب ۾ هڪ نجي ڪمپنيءَ جي آئل ريفائنريءَ جو افتتاح ڪندو.

ذريعن موجب وزيراعظم نواز شريف کي ڪراچي سميت سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ پڻ ڏني ويندي.

وزير اعظم نواز شريف واپارين سان به ملاقات ڪري سندن مسئلا معلوم ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*