لاهور جي عدالت اداڪاره ميرا جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

لاهور جي مقامي عدالت، اداڪاره ميرا جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس 17 جون تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 لاهور جي مقامي عدالت ۾ اداڪاره ميرا خلاف سندس مڙس هئڻ جي دعويدار عتيق الرحمان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي.

درخواستگذار عتيق الرحمان موقف اختيار ڪيو ته اداڪاره ميرا ساڻس شادي ڪئي هئي، جنهن بعد هن ٻي شخص سان به نڪاح ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت، گذريل ٻڌڻي تي ميرا کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو پر اداڪاره اڄ به پيش نه ٿي.

پيش نه ٿيڻ تي عدالت ميرا جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس 17 جون تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*