ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو، وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو، صفورا سانحي ۾ ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي، اميد آهي ته عدالتون کين جلد سزا ڏينديون، گوادر کي سينٽرل ايشيا سان ملائڻ ۽ فوري پورٽ بڻائڻ لاءِ ڪم جاري آهي، بلوچستان کي ٻين صوبن کان اڳتي وٺي وينداسين.

حب ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي تيل ڪارخاني جي توسيع منصوبي جي افتتاح تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، تيل پيدا ڪندڙن ملڪ کي وڏي اهميت حاصل آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ تيل جي پيدوار ضرورتن لاءِ ڪافي نه آهي، ملڪ ۾ 22 ملين ٽن تيل استعمال ٿي رهيو آهي پر پيداوار 13 ملين ٽن آهي.

وزيراعظم چيو ته اڄ جي دور ۾ تيل جي پيدوار ضرورت بڻجي چڪي آهي، منصوبن تي عمل ڪري ملڪ کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو، تيل ۽گيس ۾ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ڪجهه وقت لڳندو.

نواز شريف چيو ته بلوچستان جي خوشحالي لاءِ منصوبا ٺاهي رهيا آهيون، سندس خواهش آهي ته گوادر کي خوبصورت فري پورٽ بڻايون، جيڪا ملڪي تاريخ ۾ پهرين فري پورٽ هوندي.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته گوادر کي سينٽرل ايشيا سان ڳنڍيو ويندو ۽ بلوچستان کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اڳتي وٺي وينداسين ۽ هڪ ڏينهن اندر ته بلوچستان پر امن صوبو بڻجي ويندو.

هن چيو ته بلوچستان ۾ جاري منصوبن دوران 16 پورهيت شهيد ٿي چڪا آهن پر ان باوجود ايف ڊبليو او جو ڪم جاري آهي ۽ پورهيتن تي حملن ۾ ملوثن کي پڪڙيو آهي، کين ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.

ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڊسمبر 2013 ۾ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ٿيڻ بعد صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته صفورا سانحو بزدلاڻو واقعو آهي، معصومن کي قتل ڪندڙن کي پڪڙيو ويو آهي، اميد آهي ته کين جلد سزا ملندي، ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي سالن، يا مهينن نه پر هفتن اندر سزا ملڻ گهرجي.

وزيراعظم نواز شريف دعويٰ ڪئي ته اتر وزيرستان پاڻي پر امن علائقو بڻجي چڪو آهي، آپريشن ضرب عضب کانپوءِ  جو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو ويو.

ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر ٽن سالن اندر لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.

وزيراعظم چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان به بجلي پيدا ڪئي ويندي، جنهن سان توانائي بحران ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*