سيد قائم علي شاهه رينجرز پاران دهشتگردن جي مالي معانت بابت پيش ڪيل رپورٽ جي جاچ لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙي ڇڏيو

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه رينجرز پاران دهشتگردن جي مالي معاونت بابت پيش ڪيل رپورٽ جي جاچ لاءِ جسٽس رٽائرڊ غلام سرور ڪورائي جي سربراهي ۾ 3 رڪني ٽاسڪ فورس جوڙي ڇڏيو آهي، ٽاسڪ فورس دهشتگردن جي مالي معاونت ڪندڙن جو  تعين ڪرڻ سميت مالي معاونت جي ذريعن جي روڪٿام ۽ ضروري اپاءُ وٺڻ جون تجويزون  پيش ڪندو.

وڏي وزير رينجرز پاران ايپيڪس ڪميٽي کي پيش ڪيل رپورٽ تي جسٽس رٽائرڊ غلام سرور ڪورائي جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس جوڙيو آهي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ارجن رام تلريجا ۽ گهرو سيڪريٽري مختيار سومرو ان فورس جا ميمبر هوندا.

ٽاسڪ فورس دهشتگردن جي مالي معاونت جي  جاچ پڙتال ۽ جوابدارن جو تعين ڪري وڏي وزير کي رپورٽ پيش ڪندو.

ٽاسڪ فورس دهشتگردن جي مالي معاونت جي ذريعن جي روڪٿام ۽ ضروري اپاءُ وٺڻ جون به تجويزون ڏيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*