ڪوئيٽا جي منوجان روڊ تي هٿياربندن حـــجم جي دڪان تي فائرنگ ڪري 2 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪوئيٽا جي منوجان روڊ تي هٿياربندن حـــجم جي دڪان تي فائرنگ ڪري 2 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته شهباز شريف ٽائون ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 243 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ڪوئيٽا جي منوجان روڊ تي هٿياربندن حجم جي دڪان تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني.

فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، جن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

واقعي بعد پوليس علائقي کي ڪنٽرول هيٺ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

هوڏانهن ڪوئيٽا جي ئي شهباز ٽائون واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

هوڏانهن پوليس مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪري 243 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جن مان ڪجهه جي قبضي مان هٿيار به هٿ آيا آهن.

پوليس موجب، ڪارروائي ٽارگيٽ ڪلنگ جي وڌندڙ واقعن کانپوءِ ڪئي وئي، محمود آباد ۽ سيٽلائيٽ ٽائون وارن علائقن مان 243 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*