الطاف حسين وزيراعظم نواز شريف کان استعفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين وزيراعظم ميان نوازشريف کان استعفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هن وزيراعظم کي هڙتالن جي شڪايت ڪندڙ واپارين ۽ سندن ٻارن جا نالا هٿ ڪري ورتا آهن ته جيئن متحده ڪارڪن سندن حفاظت ڪن.

نائين زيرو تي ڪارڪنن جي ميڙ کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي الطاف حسين چيو ته وزيراعظم ڪراچي واسين کي مـَک چيو، هو عورتن جي موجودگي سبب انهن ڳالهين جو جواب نه ٿو ڏئي، ڇاڪاڻ ته گار نڪري ويندي.

ايم ڪيو ايم سربراهه وزيراعظم کان استيفيٰ جي گهر ڪندي چيو ته نوازشريف استعفيٰ ڏئي يا ڪنهن دماغ جي ماهر ڊاڪٽر کان علاج ڪرائي.

هن چيو ته وزيراعظم کي هڙتال جون شڪايتون ڪندڙ واپارين ۽ سندن ٻارن جا تفصيل گڏ ڪيا آهن ته جيئن ڪارڪن سندن تحفظ ڪري سگهن.

الطاف حسين چيو ته هن وزيراعظم کي دوست چيو هو پر اها سندس غلطي هئي، ڇاڪاڻ ته هو کيس سڃاڻي نه سگهيو.

الطاف حسين چيو ته هن بنگلاديش ۾ ماڻهو اماڻي فلمز ٺهرايون آهن، 2 لک بهاري 66 ڪئمپس ۾ رهن ٿا، جنرل راحيل شريف بنگلاديشي وزيراعظم حسينا واجد سان معاهدو ڪري کين پاڪستان آڻي، ايم ڪيو ايم سمورو خرچ ڀريندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*