اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ سڪيورٽي فورسز جي بمباري جي نتيجي ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ سڪيورٽي فورسز جي بمباري جي نتيجي ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ سجنا گروپ جا دهشتگرد شامل آهن.

ذريعن موجب، سڪيورٽي فورسز جيٽ جهازن جي ذريعي اتر وزيرستان جي تعلقي شوال جي علائقي سخي خيل ۾دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي وئي.

سڪيورٽي ذريعن موجب، بمباري جي نتيجي ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا، جن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جي سجنا گروپ سان ٻڌايو پيو وڃي.

سڪيورٽي فورسز جي شوال جي مختلف علائقن ۾ پيش قدمي جاري آهي، گذريل ڏينهن به 30 دهشتگردن کي ماريو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*