خيبر ايجنسي جي تيرا ماٿري واري علائقي ۾ جيٽ جهازن جي بمباري جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ايجنسي جي علائقي ٿيرا ماٿري ۾ويڙهاڪن جي ٺڪاڻن تي جيٽ جهازن جي بمباري جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ سندن 3 ٺڪاڻا تباهه ٿي ويا آهن.

خيبر ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن خيبر ون ڪاميابي سان جاري آهي، تيره ماٿري واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جيٽ جهازن ذريعي دهشتگردن جي ٿاڪن تي بمباري ڪري ڏني.

ذريعن موجب، بمباري جي نتيجي ۾ ٺڪاڻن اندر پناهه وٺندڙ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته بمباري جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا 3 ٺڪاڻا به تباهه ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*