اقتصادي راهداري منصوبي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ دشمن جي ناپاڪ ارادن کان واقف آهيون، آرمي چيف جنرل راحيل شريف

آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته اقتصادي راهداري منصوبي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ دشمن جي ناپاڪ ارادن کان واقف آهيون، هـَر صورت ۾ منصوبي کي ڪامياب بڻايو ويندو، پاڪستان امن لاءِ ٻين ملڪن سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر ملڪي خودختياري ۽ وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

 آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪراچي جي دوري تي پهتو، جتي هن نيول اڪيڊمي جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪستان جي سڪيورٽي خدشن کي دنيا تسليم ڪيو آهي.

هن چيو ته پاڪ فوج ملڪي سلامتي، وقار ۽ تحفظ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ڪشمير تڪرار جو پر امن حل چاهيون ٿا.

آرمي چيف چيو ته دشمن مسلسل لائين آف ڪنٽرول جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، جنهن کي ڪنهن به ريت برداشت نٿو ڪري سگهجي.

آرمي چيف جو چوڻ هو ته اقتصادي راهداري منصوبي کي ناڪام بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، منصوبي خلاف دشمن جي سازشن کان چڱيءَ ريت آگاهه آهيون، راهداري منصوبي کي ڪامياب ڪري دشمن  جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام  بڻايو ويندو.

پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي سان خطي ۽ عوام جي تقدير تبديل ٿي ويندي، منصوبي جي ڪاميابي لاءِ گوادر کي متحرڪ پورٽ بڻايو ويندو.

آرمي چيف چيو ته دشمن، فاٽا، ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ سازشون ڪري رهيو آهي، اهڙي سازشن کي به ناڪام بڻايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*