ايف آءِ اي ايگزيڪٽ ڪمپني جي شعيب شيخ سميت 11 جوابدارن خلاف جعلي ڊگري ڪيس ۾ عبوري چالان پيش ڪري ڇڏيو

  ايف آءِ اي ايگزيڪٽ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو شعيب شيخ سميت 11 جوابدارن خلاف جعلي ڊگري ڪيس ۾ عبوري چالان پيش ڪري ڇڏيو آهي، ايف آءِ اي ڄاڻايو آهي ته ايگزيڪٽ ڪمنپي وٽان 22 لک جعلي ڊگريون هٿ آيون آهن.

 ايف آءِ اي شعيب شيخ ۽ ٻين جوابدارن خلاف جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ عبوري چالان پيش ڪيو .

چالان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايگزيڪٽ ڪمپني وٽان 22 لک جعلي ڊگريون هٿ آيون آهن ۽ پاڪستان سان واسطو رکندڙ 50 جعلي ڊگري هولڊرز جا بيان ورتا ويا آهن.

 ايف آءِ اي اهو به ڄاڻايو آهي ته معاملي جي جاچ جاري آهي ۽ حتمي چالان پيش ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو.

 ايف آءِ اي ڄاڻايو آهي ته جعلي ڊگري ڪيس ۾ 11 جوابدارن مان 9 جوابدار گرفتار ٿيل آهن ۽ باقي 2 جوابدار عائشاشيخ ۽ فرحت ڪمال فرار ٿيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*