پنجاب حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام مٿان ٽيڪس جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، چوڌري سرور

پنجاب جي اڳوڻي گورنر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ چوڌري سرور چيو آهي ته پنجاب حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام مٿان ٽيڪس جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، وڏيون ڳالهيون ڪندڙ شهباز شريف ڪجهه ته عوام جو خيال ڪري ها.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري سرور چيو ته 2013واري اليڪشن ۾ مسلم ليگ نون منظم ڌانڌلي ڪرائي.

هن چيو ته پنجاب حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ نامو نه پر ٽيڪس نامو پيش ڪري عوام تي ظلم ڪيو آهي.

چوڌري سرور وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلين وارا الزام درست ناهن، جيڪڏهن بدنظميون ٿيون آهن ته تحريڪ انصاف ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ لاءِ تيار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*