ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صفورا سانحي ۾ گرفتار ٻن جوابدارن کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت صفورا سانحي ۾ گرفتار ٻن جوابدارن کي آمريڪي شهري ڊاڪٽر ڊيبرالو ۽ اي ايس آءِ ارشد شاهه جي قتل ڪيسن ۾ 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

 صفورا سانحي جي ٻن  جوابدارن سعد عزيز ۽ اسد رحمان کي سخت سيڪيورٽي ۾ ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت پوليس جي درخواست تي ٻنهي جوابدارن کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ساڳيا جوابدار سماجي اڳواڻ سبين محمود جي قتل ڪيس ۾ به جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ٿيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*