سـِنڌ جي نئين مالي سال لاءِ 7 سئو 38 ارب رپين جي ماليت واري بجيٽ پيش ڪئي پئي وڃي

سـِنڌ جي نئين مالي سال لاءِ 7 سئو 38 ارب رپين جي ماليت واري بجيٽ پيش ڪئي پئي وڃي، جنهن جو خسارو 15 کان 17 ارب تائين تائين هوندو، بجيٽ ۾ امن امان لاءِ 2 ارب رپين جي واڌ سان 67 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته تعليم لاءِ هڪ سئو 44 ارب ۽ صحت لاءِ 13 ارب رپيا رکڻ جو امڪان آهي.

سنڌ اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ناڻي وارو صوبائي وزير مراد علي شاهه نئين مالي سال 16-2015 جي بجيٽ پيش ڪندو.

نئين مالي سال جي بجيٽ جو ٽوٽل ڪاٿو 7 سئو 38 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، جڏهن ته بجيٽ جو خسارو 15 کان 17 ارب رپين جي لڳ ڀڳ هوندو.

بجيٽ ۾ سنڌ سرڪار جي غير ترقياتي خرچن لاءِ 5 سئو 3 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ترقياتي منصوبن لاءِ 2 سئو 13 ارب رپين جي لڳ ڀڳ رقم رکي ويندي.

ترقياتي بجيٽ جي 66 سيڪڙو رقم جاري منصوبن تي خرچ ڪئي ويندي ۽ 64 سيڪڙو رقم سان نوان منصوبا شروع ڪيا ويندا.

بجيٽ ۾ امن امان لاءِ 2 ارب رپين جي واڌ سان ٽوٽل 67 ارب رپيا رکڻ جو امڪان آهي، پوليس لاءِ يارنهن سئو ڊبل ڪيبن ۽ نيون موبائيلز خريد ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي.

نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليم لاءِ هڪ سئو 44 ارب رپيا رکيا ويندا، جن مان هڪ سئو 6 ارب رپيا پگهارن تي خرچ ڪيا ويندا.

صحت کاتي جي اي ڊي پي واري رقم 54 ارب رپيا هوندي، جن مان 10 ارب رپيا دوائن جي خريداري تي خرچ لاءِ هوندا.

بجيٽ ۾ ٺٽي جي سول اسپتال کي ٽيچنگ اسپتال جو درجو ڏيڻ سان گڏ صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ ڊائلاسز مشينون لڳائڻ لاءِ رقم رکڻ جو به امڪان آهي.

سنڌ سرڪار پاران ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو سروس شروع ڪرڻ ۽ ڊي اين اي ليبارٽريون قائم ڪرڻ لاءِ به بجيٽ ۾ رقم رکڻ جو امڪان آهي.

مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ پاڻي جي وڏي منصوبي ڪي فور، گرين بس سروس ۽ ماس ٽرانزٽ منصوبا به شامل آهن، جڏهن ته ڪورنگي ڪراسنگ فلاءِ اوور لاءِ بجيٽ ۾ به رقم رکڻ جو امڪان آهي.

سنڌ ڪابينا بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*