سنڌ حڪومت 7 کرب 39 ارب 30 ڪروڙ ۽ 80 لک رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي

سنڌ حڪومت 12 ارب 72 ڪروڙ 76لک رپين جي خساري واري 7 کرب 39 ارب 30 ڪروڙ ۽ 80 لک رپين جي بجيٽ پيش ڪئي آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته تعليم ۽ صحت کاتي کي خدمتن تي ٽيڪس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي.

سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه پهريون ڀيرو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ بجيٽ پيش ڪئي.

سيد مراد علي شاهه بجيٽ پيش ڪندي چيو ته 7 کرب 39 ارب 30 ڪروڙ ۽ 18 لک رپين واري بجيٽ ۾ ترقياتي خرچن ۾ مجموعي ڪاٿو 213 ارب 64 ڪروڙ ۽ 89 لک رپيا لڳايو ويو آهي.

ناڻي واري وزير چيو ته ترقياتي خرچن ۾ 162 ارب رپيا صوبائي اي ڊي پي 26 ارب 98 ارب رپيا پرڏيهي امداد وارين رٿائن ۽ 9 ارب 66 ڪروڙ رپيا وفاقي امداد سان هلندڙ رٿائن تي خرچ ڪيا ويندا.

سنڌ بجيٽ ۾ غير ترقياتي خرچ جو ڪاٿو 503 ارب 34 ڪروڙ ۽ 18 لک رپيا لڳايو ويو آهي، جڏهن ته سيڙپڪاري وارن خرچن جو ڪاٿو 22ارب 31 ڪروڙ 11 لک رپيا لڳايو ويو آهي.

صوبائي وزير چيو ته ڪل آمدني جو ڪاٿو 7 کرب 26 ارب 57 ڪروڙ ۽ 42 لک رپيا آهي، جڏهن ته آمدني ۾ 494 ارب 12 ڪروڙ ۽ 96 لک رپيا وفاقي حڪومت کان ملندا ۽ 144 ارب 12 ڪروڙ رپيا صوبائي حڪومت پنهنجي وسيلن مان حاصل ڪندي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 8ڏهائي 2 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، تعليم جي بجيٽ ۾ 7ڏهائي 6 سيڪڙو واڌ ڪري 144 ارب 67 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته مجموعي طور 232ارب رپيا پگهارن تي خرچ ڪيا ويندا.

سنڌ حڪومت صحت کاتي جي بجيٽ وڌائي 57 ارب 40 ڪروڙ رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته صحت کاتي جي ترقياتي منصوبن لاءِ 13 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

سنڌ حڪومت مختلف کاتن ۾ 14 هزار 224 نوڪريون ڏيڻ، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي.

سرڪاري ملازمن کي 2011 ۽ 12 وارا ايڊهاڪ الائونس هلندڙ بنيادي پگهارن ۾ ضم ڪري 10 سيڪڙو پگهارن ۾ واڌ ڪئي ويندي، جڏهن ته پورهيتن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت وڌائي 13 هزار رپيا ڪئي وئي آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي طرفان 70 ارب رپيا گهٽ مليا آهن ۽ ايندڙ مهيني ۾ وفاق کان 65 ارب رپيا ملڻا آهن.

ناڻي واري وزير وفاق کي ميار ڏيندي چيو ته گذريل سال 22 ارب ۽ هن ڀيري رڳو 10 ارب رپيا ڏنا آهن، پئسا ڀلي نه ڏنا وڃن پر واعدو ته ڪيو وڃي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جي ترقياتي خرچن لاءِ 49 ارب 73 ڪروڙ، سکر لاءِ 27 ارب 34 ڪروڙ، لاڙڪاڻي لاءِ 33 ارب ۽ حيدرآباد لاءِ 37 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

سيد مراد علي شاهه چيو ته مڪاني حڪومتن لاءِ 52 ارب 39 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*