سنڌ اسيمبلي ۾ اقليتن سان ناانصافين خلاف ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو

سنڌ اسيمبلي ۾ اقليتن سان ناانصافين خلاف ۽ ڏهرڪي مان اغوا ٿيل نينگري انجلي ميگهواڙ جي بازيابي وارو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، ميمبرن  انجلي جي اغوا واقعي جي مذمت ڪندي کيس والدين حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسيپڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران فنڪنشل ليگ ميمبر نند ڪمار گوڪلاڻي اقليتين سان نا انصافين خلاف ۽ نينگري انجلي جي بازيابي وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي.

ٺهراءُ تي بحث ۾ حصو وٺندي نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته 12 ورهين جي نينگري جو نڪاهه نٿو ٿي سگهي ۽ انجلي جو زبردستي مذهب تبديل ڪرائي سندس شادي ڪرائي وئي آهي.

پ پ جي ارم خالد چيو ته انجلي عدالت ۾ اعتراف ڪري چڪي آهي ته هن پسند جو پرڻو ڪيو آهي ۽ هاڻ اها ڪراچي ۾ دارالامان ۾ آهي.

متحده جي ارم فاروقي چيو ته انجلي بابت فيصلو اچڻ تائين کيس والدين حوالي ڪيو وڃي.

پ پ جي کٽو مل جيوڻ چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ 15 نينگرين جو زبردستي مذهب تبديل ڪرائي سندن شاديون ڪرايون ويون آهن.

 کٽو مل چيوته ڪجهه پارٽيون سنڌ جي ورهاڱي جون ڳالهيون ڪري رهيون آهن ۽ هندو سندين جي لڏپلاڻ  سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي.

پ پ جي نادر مگسي چيو ته حڪومت کي اقليتن جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ۽ نينگري انجلي جي والدين سان ملاقات ڪرائي وڃي.

صوبائي وزير منظور حسين وسان چيو ته ڪجهه پارٽيون اقليتن جي معاملي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيون آهن.

پ پ ايم پي اي مراد علي شاهه چيو ته حڪومت کي اقليتن جي حقن بابت قانون تي عمل ڪرائڻ گهرجي.

سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور ٿيڻ اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*