ڪراچي پوليس ذوالفقار مرزا خلاف ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چالان پيش ڪري ڇڏيو

ڪراچي پوليس ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿين خلاف بدين ۾ ٿاڻي تي حملي، بازارون بند ڪرائي ۽ ڦر لٽ وارن ٻن ڪيسن ۾ ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چالان پيش ڪري ڇڏيو  آهي.

 ڪراچي پوليس اي ٽي سي ۾ ذوالفقار مرزا ۽ سندس 54 ساٿين خلاف بدين ٿاڻي تي حملي واري ڪيس ۾ چالان پيش ڪري ڇڏيو آهي.

چالان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٿاڻي ۾ حملي واري ڪيس ۾ 16 جوابدار ضمانت تي آزاد ٿيل آهن ٻه مفرور ۽ 6 جيل حوالي آهن.

بدين ۾ بازارون بند ڪرائي ڦرلٽ واري ڪيس ۾ به ذوالفقار مرزا ۽ سندس 29 ساٿين خلاف چالان پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ذوالفقار مرزا سميت 22 جوابدار ضمانت تي آزاد آهن، جڏهن ته 6 جوابدار جيل ۾ آهن.

عدالت پوليس پاران پيش ڪيل چالان منظور ڪندي جوابدارن ۽ شاهدن کي چالان جون ڪاپيون فراهم

ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿين خلاف پيش ڪيل چالان ۾ بدين ٿاڻي تي حملي واري ڪيس ۾ 17 شاهد ۽ بازارون بند ڪرائي ڦرلٽ واري ڪيس ۾ 20 شاهد ڄاڻايا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*