آصف زرداري صنعتڪار صدرالدين هاشواڻي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 2 ارب رپين جي هرجاڻي دعويٰ داخل ڪرائي ڇڏي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران نالي واري صنعتڪار صدرالدين هاشواڻي ۽ سندس ڪتاب جي پبلشر خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 2 ارب رپين جي هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪرائي وئي آهي.

آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صدرالدين هاشواڻي ۽ ڪتاب جي پبلشر خلاف هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته آصف زرداري سياستدان ۽ پارٽي جو شريڪ چيئرمين آهي، جنهن خلاف ڪوڙا الزام مڙهيا ويا آهن.

هرجاڻي جي دعويٰ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته صدرالدين هاشواڻي آصف زرداري خلاف ڪوڙا الزام مڙهيا آهن، جنهن سان آصف زرداري جي ساک کي نقصان پهتو آهي، ان ڪري الزام مڙهندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*