انڪوائري ڪميشن جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي جي شاهدن کان پڇا ڪرڻ بابت متحده جي درخواست رد ڪري ڇڏي

انڪوائري ڪميشن، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي جي شاهدن کان آڏي پڇا ڪرڻ بابت متحده جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، بلوچستان جي اڳوڻي نگران وڏي وزير غوث بخش باروزئي ڪميشن آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته بلوچستان جي عام چونڊن دوران وڏي استادي ڪئي وئي، سندس منظوري کانسواءِ ئي ڪيترن هنڌن تي اليڪشن ڪميشن جو سهارو وٺي آفيسرن جون مقرريون ڪيون ويون، ان وقت جي چيف سيڪريٽري به چونڊن دوران مداخلت ڪئي.

چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ 3رڪني انڪوائري ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بلوچستان جي اڳوڻي نگراني وڏي وزير غوث بخش باروزئي کان آڏي پڇا ڪئي وئي.

 بلوچستان جي تڪ پنجگور بي پي 42 ،43 جي ريٽرننگ آفيسر مراد بلوچ، پي بي 4 جي شڪيل احمد پلال، پي بي 35 جي نصير احمد ۽ پي بي 43 جي ريٽرنگ آفيسرز اڪرام الله کان به جرح ڪئي وئي.

وڪيلن جي مختلف سوالن جي جواب ۾ بلوچستان جي اڳوڻي نگران وڏي وزير چيو ته سندس وڏ وزارت واري دور ۾ ڪابينا نه هئي ۽ نه هئي هن عام چونڊن دوران ڪا مداخلت ڪئي.

غوث بخش باروزئي چيو ته اليڪشن کانپوءِ ٻڌايو ته انتظاميه مداخلت پئي ڪري ۽ عام چونڊن ۾ وڏي استادي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان وقت جو چيف سيڪريٽري به مداخلت ڪري رهيو هو.

هن چيو ته ان وقت جي چيف سيڪريٽري بلوچستان اليڪشن کانپوءِ اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ گورنر ڏانهن سمري موڪلي، پر اهو سندس اختيار هو.

بلوچستان جي اڳوڻي نگران وڏي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جو سهارو وٺي آفيسرز جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون ۽ ننڍي پئماني تي به کيس اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ آفيسر مقرر ٿيا.

پي بي 42، 43 پنجگور جي ريٽرننگ آفيسر مراد بلوچ چيو ته سمورا اميدوار سندس آفيس آيا ۽ کيس ٻڌايو ته امن امان جي صورتحال خاب آهي، جنهن سبب پولنگ ملتوي ڪئي وڃي.

مراد بلوچ چيو ته  پي بي 42 ۽ 43 جي  جي اڪثر هنڌن تي پولنگ نه ٿي، رڳو ڪجهه هنڌن تي ووٽ پيا هئا، 36 تڪن تي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي سفارش اليڪشن ڪميشن کي ڪئي وئي پر ڪو به آرڊر جاري نه ٿي  سگهيو.

 پي بي چار جي ريٽرننگ آفيسرز شڪيل احمد پلال چيو ته تڪ تي رد ٿيل ووٽن جا ڪجهه لفافا گم هئا، بعد ۾ ڄاڻ ملي ته اهي قومي اسيمبلي جي تڪن وارن لفافن سان گڏ موڪليا ويا هئا.

 بي پي 35 ۽ 45 جي ريٽرنگ آفيسر چيو ته پي بي 35 تي اختر مينگل ڪامياب ٿيو هو، پر بعد ۾ کيس ڌمڪيون مليون ۽ هن بدلي ڪرائي هئي، ان جو نتيجو ٻي ريٽرننگ آفيسر جاري ڪيو.

بلوچستان جي ريٽرننگ آفيسرز کان جرح مڪمل ٿيڻ بعد ايم ڪيو ايم جي وڪيل درخواست ڪئي ته کين جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي جي شاهدن کان جرح جي اجازت ڏني وڃي، جنهن کي ڪميشن رد ڪري ڇڏيو.

چيف جسٽس چيو ته اڳ ئي  واضح ڪيو هو ته وقت گهٽ آهي، تنهن ڪري موجود شاهدن کان آڏي پڇا ڪئي وڃي پر ان وقت ايم ڪيو ايم وارا موجود نه هئا.

چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته فارم 15 بابت ڪميشن کي خزاني آفيس مان اصل رڪارڊ ناهي ملي سگهيو، فارم 15 مان ئي خبر پوندي ته ڪيترا بيلٽ پيپر استعمال ٿيا.

چيف جسٽس چيو ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي خزاني آفيس مان ڪميشن جي معاون رڪارڊ حاصل ڪري رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي، ڪميشن کي مڪمل اختيار آهي، جنهن کي چاهيون طلب ڪري سگهون ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*