سکر جي سائيٽ ايريا ۾ واقع ڪمپني مان 30 ملازم برطرف ڪرڻ خلاف پورهيتن بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪري ڇڏي

سکر جي سائيٽ ايريا ۾ تيزاب ٺاهيندر ڪمپني مان 30 ملازم برطرف  ڪرڻ خلاف پورهيتن ڪمپني اڳيان بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي آهي.

ملازمن جي جبري برطرفي خلاف اقرار کوسي، محمد حسن شيخ ۽ علي گل شيخ جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هو 12 ورهين کان فيڪٽري ۾ ڪم ڪري رهيا آهن پر 30 ڄڻن کي بنا سبب برطرف ڪيو ويو آهي.

اڳواڻن چيو ته جيستائين برطرف ڪيل ملازم بحال نه ٿيندا تيستائين سندن بک هڙتالي ڪئمپ قائم رهندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*